SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Congo Crisis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • congo
  • kraisis
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Congo Crisis

ڪانگو ڪرائسز

ڪانگو گهوٽالو

بيلجيم 1960ع ۾ پنهنجي بيٺڪ ڪانگو کي آزادي ڏني، پر آزاديءَ وقت ملڪ ۾ اهڙن لائق ماڻهن جي کوٽ هئي، جيڪي حڪومت جون واڳون سنڀالي اُن جو ڪاروهنوار هلائي سگهن. ان پيچيده صورتحال پٺيان بيلجيم جي سازش پڻ هئي، جنهن ڪانگو کي آزادي ڏيڻ کانپوءِ به ان تي پنهنجو سياسي اثر برقرار رکڻ ٿي گهريو. سندس سازش هُئي ته ڪانگو جيترو ڪمزور هوندو ، مٿس بيلجيم جو تسلط اوترو مضبوط هوندو ۽ پورو ملڪ انتشار جو شڪار رهندو. ان افراتفريءَ واري ماحول ۾ پارليامينٽ جون چونڊون ڪرايون ويون، جن ۾ ڪابه هڪ سياسي جماعت اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي، پر پئٽرس لوممبا جي ترقي پسند خيالن واري جماعت مضبوط ڌُر طور اڀري آئي. اُن موقعي تي ملڪي سياسي جماعتن جي وچ ۾ حڪومت ٺاهڻ تان اڻبڻت پيدا ٿي پئي. لوممبا جولاءِ 1960ع ۾ گڏيل قومن جي اداري کي مدد ڪرڻ جي درخواست سان گڏ بيلجيم کان پنهنجون فوجون ڪانگو مان واپس گهرائڻ جي گهر ڪئي. بيلجم ۽ آمريڪا ان گهُر تي ڌيان نه ڏنو. 13 جولاءِ 1960ع تي سوويت يونين اعلان ڪيو ته بيلجيم ۽ ٻيون اولهه جون طاقتون ڪانگو جو استحصال ڪري رهيون آهن، جنهن جا اُگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا. ان چتاءَ کان پوءِ وڏي گهوٽالي جنم ورتو، جيڪو 1966ع تائين ڇهه ورهيه جاري رهيو. ان گهوٽالي جو خاتمو صدر جوزف موپُوتو طرفان اقتدار تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ٿيو. اِن گهوٽالي ۾ ڪانگو جي چونڊيل عوامي اڳواڻ پيٽرس لوممبا سميت هڪ لک ماڻهو موت جو بک بڻيا. جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل همرشولڊ جو پڻ ان علائقي ۾ جهاز ڪرڻ سبب موت ٿيو. همرشولڊ تڪراري ڌُرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ ان علائقي ڏانهن ويو هو.


Remember Me Also:

ارواح جي آري

جملو. آرزو جي آسري ، سڪ جي سانگي ”تن وڌائين تار ۾،ا رواح جي آري“ شاهه.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal